حر گوريلا جنگ

حر گوريلا جنگ

حر گوريلا جنگ

حر گوريلا جنگ (ڪتاب): هيءُ ڪتاب مشهور انگريز ليکڪ ايڇ. ٽي. لئمبرڪ جي ڪتاب “Terorist” جو سنڌي ترجمو آهي، جيڪو سنڌيءَ جي نامياري ترجمي نگار عطا محمد ڀنڀري ڪيو آهي. هن ڪتاب جو موضوع 1942ع کان 1952ع تائين حر جماعت سان ٿيندڙ ظلم ۽ زيادتين جو بيان آهي، جنهن کي ايڇ. ٽي. لئمبرڪ انگريز سرڪار جي نقطه نظر کان لکيو آهي، تڏهن به ڪتاب ۾ موجود حوالا ۽ ان دور جو بيان تاريخي حيثيت رکي ٿو.
هن ڪتاب جو مقدمو محمد عمر چنڊ لکيو آهي، جنهن ۾ هن انگريز سرڪار جي نقطي نظر کي مڪمل دليلن سان رد ڪيو آهي ۽ ثابت ڪيو آهي ته حُر وطن جي آزاديءَ جا مجاهد هئا نه ئي ڏوهاري. ڊيمي سائيز سان پڪي جلد وارو هيءُ ڪتاب 348 صفحن تي مشتمل آهي. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو نيو فيلڊس پبليڪيشن پاران نومبر 2000ع ۾ ڇپيو، ۽ هن جو ٻيو ڇاپو سنڌيڪا اڪيڊميءَ ڇپايو. جڏهن ته ڪتاب جو ٽيون ڇاپو سنڌي ساهت گهر 2010ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.


لفظ حر گوريلا جنگھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو